ستار وسطڙو

ستار وسطڙو

ستار وسطڙو

ستار وسطڙو: ليکڪ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ستار ولد نثار احمد وسطڙو 1962ع ڌاري نوشهري فيروز ضلعي جي ڳوٺ مچر ۾ ڄائو. شاگرديءَ واري زماني کان سياسي سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. ايم.آر.ڊي، ۽ ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاري خلاف احتجاجي تحريڪن دوران گرفتار ڪيو ويو، مٿس ملٽري ڪورٽ نوابشاهه ۾ ڪيس هلايا ويا، ان دوران سکر سينٽرل جيل ۽ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ قيد رهيو. ستار وسطڙو مسلسل لکندو رهيو آهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، ان دوران 1996ع ۾ ادارو ’وير پبليڪشن‘ قائم ڪيائين، جنهن پاران هيٺ ڄاڻايل ڪتاب ڇپائي چڪو آهي:
(1) سورهيه بادشاهه ۽ ڪورٽ مارشل (سنڌي- اردو)، (2) ڪاروڪاري/ ســـيـاهه ڪــاري (سـنـڌي- اردو)، (3) آنـر ڪــلــنـگ (Honour Killing)، (4) ڀـنـگ لاءِ اغــوا (Kidnapping for Ransom) انـگـريـزي- ســنـڌي،
(5) روحاني رهبر، (6) روحانيت، سياست ۽ پير پاڳارو، (7) King Maker (انگريزي)، (8) صديون ڪا قيدي (اردو)، (9) صابر جو ڪلام، (10) نه وسرڻ جهڙيون ڳالهيون، (11) ڪراچيءَ ۾ ڪار چورين جا واقعا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن.
: ليکڪ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ستار ولد نثار احمد وسطڙو 1962ع ڌاري نوشهري فيروز ضلعي جي ڳوٺ مچر ۾ ڄائو. شاگرديءَ واري زماني کان سياسي سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. ايم.آر.ڊي، ۽ ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاري خلاف احتجاجي تحريڪن دوران گرفتار ڪيو ويو، مٿس ملٽري ڪورٽ نوابشاهه ۾ ڪيس هلايا ويا، ان دوران سکر سينٽرل جيل ۽ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ قيد رهيو. ستار وسطڙو مسلسل لکندو رهيو آهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، ان دوران 1996ع ۾ ادارو ’وير پبليڪشن‘ قائم ڪيائين، جنهن پاران هيٺ ڄاڻايل ڪتاب ڇپائي چڪو آهي:
(1) سورهيه بادشاهه ۽ ڪورٽ مارشل (سنڌي- اردو)، (2) ڪاروڪاري/ ســـيـاهه ڪــاري (سـنـڌي- اردو)، (3) آنـر ڪــلــنـگ (Honour Killing)، (4) ڀـنـگ لاءِ اغــوا (Kidnapping for Ransom) انـگـريـزي- ســنـڌي،
(5) روحاني رهبر، (6) روحانيت، سياست ۽ پير پاڳارو، (7) King Maker (انگريزي)، (8) صديون ڪا قيدي (اردو)، (9) صابر جو ڪلام، (10) نه وسرڻ جهڙيون ڳالهيون، (11) ڪراچيءَ ۾ ڪار چورين جا واقعا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن.


لفظ ستار وسطڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو